اسلام آباد- 07 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ??هي ته ملڪي معيشت جو دارومدار سياسي استحڪام سان آهي، جيڪو ملڪ اقتصادي طور تي مستحڪم هوندو اهوئي ترقي ڪندو، سياسي استحڪام معاشي استحڪام سان ??نڍ??ل آهي، پينشن ريفارمز تي ڳالهه ٿي رهي آهي، ساليانو خرچن جو وڏو حصو رٽائر ملازمن جي پينشن ۾ نڪري ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ محمد اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت ??هي ته حڪومتي سطح تي ٿيندڙ سمورو ڪم عوام سان شيئر ڪيو وڃي، بنيادي ڍانچي ۾ سڌارا اسان جي ايجنڊا جو حصو آهن. معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان ??نڍ??ل هوندو آهي. هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ جو مطالبو ??هي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌايو وڃي، وزيراعظم ايف بي آر ۾ سڌارن جي ذميواري کنئي آهي، ايف بي آر جي ريفارمز جي ايجنڊا ترجيحن ۾ آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو اهو مطالبو به ??هي ته بجلي جي چوري کي روڪيو وڃي، سڌارن جي حوالي سان وزيراعظم سڀني کان ايف بي آر جي بريفنگز ورتي آهي، 27 سؤ ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ڪيس عد??لتن ۾ التوا هيٺ آهن. عد??لتن ۾ التوا هيٺ ٽيڪس بابت ڪيسن تي فور?? فيصلا ٿيڻ گهرجن، پارليامينٽ ٽيڪس ٽربيونل بابت پهريون قانون پاس ڪيو آهي، بجلي چوري جي روڪٿا لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته معيشت جي بحاليءَ ۾ ايف بي آر جو اهم ڪردار آهي.
ملڪي معيشت جو دارومدار سياسي استحڪام سان آهي، جيڪو ملڪ اقتصادي طور تي مستحڪم هوندو اهوئي ترقي ڪندو: اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج