اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن و??ري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته عام چونڊن 2024ع لاءِ چونڊن و??ري ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال مستحڪم رهي. سيڪيورٽي فورسز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس اهلڪارن جي پختي لگن ۽ پيشيوراڻي مهارت جو اعتراف ڪريان ٿو. چونڊن جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته فورسز کي پرام?? چونڊون ڪر??ئڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ مقرر ڪيو ويو جيڪو جمهوريت ۽ پاڪستان جي عوام سان انهن جي وابستگي جو چٽو ثبوت آهي، انهن سمورن سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ خاص مبارڪون جن ووٽنگ جي عمل کي پرامن بڻ??ئڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن جي مقرري بلوچستان، خيبرپختونخوا، سنڌ ۽ پنجاب جي ڏورانهن علائقن ۾ به ڪئي وئي هئي جيڪي هر شهري جي پرامن ماحول ۾ پنهنجي ووٽ جي حق کي استعمال ڪرڻ کي يقيني بڻ??ئڻ لاءِ اسان جي عزم جو ثبوت آهي. ڪجهه واقعن کانسواءِ مجموعي صورتحال ڪنٽرول ۾ رهي جيڪا اسان جي حفاظتي قدمن جي افاديت کي ظاهر ڪري ٿي. ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو ته چونڊ عمل جي بهترين طريقي سان پڄاڻي اسان جي هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عوام کي پرامن فراهم ڪرڻ جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هو بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪري سگهيا.
چونڊ واري ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور امن امان جي صورتحال مستحڪم رهي: ڊاڪٽر گوهر اعجاز
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات