اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جا نوجوان ??عل??م، ڏاهپ ۽ اعليٰ اخلاق جي ذريعي قوم جي تقدير بدلائي سگهن ٿا، پاڪستان کي مسئلن جي حل لاءِ قيادت ۽ ڏاهپ جي صحيح استعمال جي ضرورت آهي ۽ ملڪ جا نوجوان اهو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال او??ن يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته چين جي ترقي ??عل??م ۽ صحت جي بنياد تي ٿ??، پاڪستان کي به تيز رفتار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ چيني ماڊل تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رڳو وسيلن سان ملڪ ترقي نه ٿا ڪن پر انساني وسيلن ۽ صحيح فيصلن سان قومن جي تقدير بدلائي وڃي ٿي. يونيورسٽي جي ڪامياب گريجوئيٽس کي ملڪ جي اشرافيه قرار ڏيندي صدر چيو ته انهن کي اهڙي ملڪ ۾ گريجوئيٽ ڊگري حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي جتي 44 سيڪڙو يعني اٽڪل 26 ملين کان وڌيڪ ٻار اڃا تائين اسڪول نه ٿا وڃي سگهن. خطي سان ڀيٽ ڪندي هن چيو ته سمورن علائقائي ملڪن ۾ اسڪول ويندڙ ??ارن جو تناسب 98 سيڪڙو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي ??عل??م ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ 50 هزار اسڪولن جي ضرورت پوندي جيڪو ملڪ ۾ وسيلن جي دستيابي کي نظر ۾ رکندي آسان ڪم نه آهي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته اسڪول نه ويندڙ ??ارن کي ??عل??م ڏيڻ جي لاءِ ملڪ ۾ اٽڪل ٽي لک مسجدن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته جمهوريت ۽ انسانيت جي چيمپيئن هجڻ جي دعويدار ترقي يافته دنيا انساني همدرديءَ جو جذبو وڃائي چڪي آهي، دنيا هاڻي مفادن تي هلي رهي آهي جيئن ته غزه جي معصوم ماڻهن تي ڪيل ظلمن تي او??هه پاران ڪنهن همدرديءَ جو مظاهرو نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان ڪشمير مسئلي جي حل جي اميد آهي پر 70 سال گذري وڃڻ جي باوجود اهو مسئلو اڃا تائين حل ناهي ٿي سگهيو. صدر يونيورسٽي جي ڪامياب گريجوئيٽس کي نصيحت ڪئي ته اهي پنهنجي عملي زندگي ۾ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکن. هن عورت گريجوئيٽس کي به چيو ته اهي شادي کانپوءِ گهر ويهي پنهنجي ??عل??م کي ضايع نه ڪن پر اڄ جي ٽيڪنالاجي جي دور ۾ عورتون پنهنجي ملازمت ۽ گهريلو ڪم آساني سان سرانجام ڏئي سگهن ٿيون. صدر چيو ته حڪومتجي وقت ۽ دانشمنداڻي حڪمت عملين جي ڪري پاڪستان کي ڪوويڊ 19 دوران دنيا جو پنجون بهترين ڪارڪردگي وارو ملڪ قرار ڏنو ويو. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ علامه اقبال او??ن يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي فيصلي کي ساراهيندي صدر چيو ته يونيورسٽي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ماڻهن کي ??عل??م ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان کان اڳ صدر يونيورسٽي جي ڪامياب شاگردن کي ڊگريون ۽ ميڊلز پڻ ڏنا. ان موقعي تي علامه اقبال او??ن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ناصر محمود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هيستائين اٽڪل 50 لک شاگرد يونيورسٽي مان فارغ التحصيل ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته او??ن يونيورسٽي کدڙن فقيرن، جيل جي قيدين ۽ شهيدن جي ٻارن کي مفت ??عل??م فراهم ڪري رهي آهي.
ملڪ جا نوجوان تعليم، ڏاهپ ۽ اعليٰ اخلاق جي ذريعي قوم جي تقدير بدلائي سگهن ٿا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria