اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪينيڊين هائي ??مش??ر ليسلي اسڪينلون وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم ۽ هائي ??مش??ر ڪئناڊا پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي ترقياتي پروگرام، 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ انساني امداد، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي سيڙپڪاري خاص طور تي ريڪوڊڪ پراجيڪٽ شامل آهن. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي حڪوم?? پاران ترجيحي شعبن ۾ کنيل قدمن خاص طور تي معيشت جي استحڪام، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪاري سهولت ۽ غيرقانوني غيرملڪين جي وطن واپ??ي ??ي روشني وڌي. ڪينيڊين هائي ??مش??ر پاڪستان حڪوم?? پاران ڪئناڊا جي افغان ري لوڪيشن پروگرام جي لاءِ ڪيل حمايت کي ساراهيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪينيڊين هائي ڪمشنر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج