اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ قدرتي آفتن جي اڳڪٿي، انهن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ اين اي او سي جا قدم ساراهه جوڳا آهن، اين ڊي ايم اي صوب??ئي ادارن سا?? تعاون سا?? ان جي سگهه وڌائڻ ۾ انهن جي مدد ڪري، ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان موسمياتي تبديلين جي م??ثر اثرن سا?? گڏوگڏ دنيا کي پنهنجي تجربي کان پڻ آگاهه ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) جو دورو ڪيو جتي نگران وزيراعظم کي پاڪستان جي ملڪ ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سا?? تيارين، آفتن کانپوءِ بحالي جي ڪمن ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ 28 گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز اجلاس ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان جي نمائندگي جي حوالي سا?? تجويزون پيش ڪيون ويون. نگران وفاقي وزير جليل عباس جيلاني، ڊاڪٽر شمشاد اختر ۽ لاڳاپيل عملدار پڻ بريفنگ ۾ گڏ هئا. اجلاس کي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽ??نن?? جنرل انعام حيدر ملڪ بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اين ڊي ايم اي تحت پاڪستان ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار آهي جنهن ۾ قدرتي آفتن جي ٻه مهينا اڳ جي اڳڪٿي ۽ ان جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي شامل آهي. اجلاس کي ڪوپ – 28 جي ڏس ۾ بريفنگ ڏيندي پاڪستان کي موسمياتي تبديلي ۽ جاگرافي??ئي لحاظ کان ل??ڳو خطرن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي جنهن جي ڪري گليشيئرز ۾ گهٽتائي، ٻوڏ، برفاني ڇِپن، لينڊ سلائيڊنگ، ٻيلن کي باهه ۽ ٻيا خطرا درپيش آهن. اجلاس کي اين ڊي ايم اي پاران موبائيل ڊيزاسٽرز وهيڪلز، سيٽلائيٽ مانيٽرنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سا?? قدرتي آفتن جي ه??ئي رسڪ علائقن جي مانيٽرنگ جي طريقيڪار بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اين ڊي ايم اي ان حوالي سا?? سموري معلومات صوب??ئي حڪومتن ۽ ضلعي انتظاميا کي به فراهم ڪري ٿي ۽ موسمياتي تبديلي سا?? ٿيندڙ قدرتي آفتن جي م??ثر اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مسلسل تعاون ڪري رهي آهي. اجلاس کي موسمياتي تبديلي جي زراعت، معيشت ۽ مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي اثرن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ اين اي او سي جي قدمن کي ساراهيندي اين ڊي ايم اي کي صوب??ئي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سا?? تعاون سا?? هڪ قومي حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته اين اي او سي ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت سڄي دنيا بشمول پاڪستاني ماهرن جي تحقيق مان فائدو ورتو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان موسمياتي تبديلي جي م??ثر اثرن سا?? گڏوگڏ دنيا کي پنهنجي تجربن کان پڻ آگاهه ڪندو. هن چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ اين اي او سي جي ملڪ ۾ قدرتي آفتن جي اڳڪٿي، انهن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم ساراهه جوڳا آهن. اين ڊي ايم اي صوب??ئي ادارن سا?? تعاون سا?? انهن جي سگهه وڌائڻ ۾ مدد ڪري. نگران وزيراعظم اين اي او سي جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ اتي ڪم ڪندڙ آفيسرن، نوجوانن ۽ ماهرن سا?? ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.
ملڪ ۾ قدرتي آفتن جي اڳڪٿي، انهن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ اين اي او سي جا قدم ساراهه جوڳا آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania