اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم ان??ارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خطي کي گڏيل چئلينجز درپيش آهن جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ترقي ۽ خوشحال جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان اقتصادي تعاون تنظيم (اي ??ي او) جي هر ميمبر ملڪ سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??را??ظم ان??ارالحق ڪاڪڙ وز??را??ظم هائوس ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي ??ي او) جي ميمبر ملڪن جي رهائشي سفيرن سان ملاقات ڪئي. نگران وز??را??ظم علائقائي ترقي جي لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم (اي ??ي او) جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اي ??ي او جي ميمبر ملڪن جي تاريخ ۽ ثقافت گڏيل آهي، اڄ خطي کي گڏيل چئلينجز درپيش آهن جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ نگران وز??را??ظم رابطي، واپار، توانائي ۽ اقتصادي تعاون تي روشني وڌي. اي ??ي او جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وز??را??ظم چيو ته پاڪستان اي ??ي او جي هر ميمبر ملڪ سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هو 8 کان 9 نومبر 2023ع تائين تاشقن??، ازبڪستان ۾ 16 هين اي ??ي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي ??ي او جي ميمبر ملڪن جي م??ڪت?? سربراهن سان پنهنجي ملاقاتن جو منتظر آهي. سفيرن پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي خواهش ۽ اي ??ي او جي ويزن ۽ مقصدن جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.
خطي کي گڏيل چئلينجز درپيش آهن جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ترقي ۽ خوشحال جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے