اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت مان بريت تي شُڪرانا ادا ڪندي چيو آهي ته بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ بيگناهي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي باهه ۾ سرندڙن کي دنيا ۾ ته جواب ملي ويو پر انهن کي آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ?? ان ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته الحمدالله لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ جي سياسي انتقام تي ٻڌل ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ اڄ مون کي ۽ حمزه شهباز کي بري ڪري ڇڏيو جنهن تي الله جو جيترو شڪر ادا ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. هن چيو ته سياسي انتقام ۾ هي اهو ئي ڪيس آهي جن??ن ۾ برطانيا جي عالمي ساک رکندڙ نيشنل ڪر??ئيم ايجنسي ٽن ملڪن ۾ 40 ??ال جو رڪارڊ ٻن سالن تائين کنگاليو ۽ ڪجهه نه ملڻ تي اسان کي ڪلين چِٽ ڏني هئي. برطانيا جي ڊيلي ميل ۾ ڊيفيڊ جي فنڊز ۾ گهپلي جي ڪوڙي خبر ڄاڻي واڻي شايع ڪر??ئي وئي هئي پر ان ۾ به الله تعاليٰ اسان کي سرخرو ڪيو ۽ ڊيلي ميل کي معافي وٺڻي پئي. هي اهو ئي ڪيس هو جن??ن ۾ ناحق مون کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، حمزه شهباز کي قيد ۾ رکيو ويو ۽ ڪورونا وبا دوران سخت بيمار هجڻ جي باوجود حمزه کي ڊاڪٽر وٽ به نه موڪليو ويو، ان جي معصوم ڌيءَ سان ملڻ تائين نه ڏنو ويو. ”واٽس ايپ??? ا??تساب، بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ بيگناهي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي باهه ۾ سرندڙن کي دنيا ۾ ته جواب ملي ويو پر انهن کي آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ?? ان ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته انتقامي انڌيرنگري جي ان ڪاري دور ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ، اسان جي بيگناهي تي اعتماد رکڻ ۽ هر جڳهه تي اسان جو حوصلو وڌائيندڙ محسنن، دوستن، وڪيلن ۽ عوام جا ٿورا مڃان ٿو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران لاهور جي احتساب عدالت مان بريت تي شُڪرانا ادا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی