پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايس پي پلس جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي ڪم??شن جي سربراهه ارسولا وان ڊيرليين سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات نئين عالم?? مالياتي معاهدي بابت سربراهي اجلاس جي موقعي ت?? ٿي. وزيراعظم هلندڙ سال 9 جنوري ي جنيوا ۾ منعقد ”ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس“ ۾ شرڪت تي يورپي ڪم??شن جي سربراهه جا ٿورا مڃيا. هن يورپي ادارن سان گڏجي ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن جي آجيان ڪندي يورپي ڪم??شن جي سربراهه کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. جي ايس پي پلس جي اهميت جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ان جي ٽريڪ تي هجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. يورپي ڪم??شن جي ص??ر 2022ع جي ٻوڏ کان بحالي جي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. هن جي ايس پي پلس سميت يورپي يونين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جاري تعاون جي سطح کي ساراهيو.
جي ايس پي پلس جي حوالي سان مضبوط سياسي عزم موجود آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania