اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪ??تان موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صلاحيت وڌائڻ لاءِ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي مسلسل حمايت جو خواهشم??د آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي (آءِ آر سي) جي صدر ۽ سي اي او ڊيوڊ ملي بينڊ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ??اڪ??تان سان آءِ آر سي جي قابل قدر ۽ پراڻي حصيداري کي سار??هي??دي وزيراعظم گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران آءِ آر سي جي وقت سر مدد کي سار??هي??. هن صدر آءِ آر سي کي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان موسمياتي تبديلي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صلاحيت کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ آءِ آر سي جي مسلسل حمايت جو منتظر آهي. هن ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل اسڪولن ۽ اسپتالن جي نئين سر تعمير ۽ مرمت جي لاءِ آءِ آر سي جي اڻٿڪ مدد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ڊيوڊ ملي بينڊ گذريل سال جي تباهي آنيندڙ ٻوڏ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ وقت سر قدم کڻڻ تي ??اڪ??تان حڪومت جي عزم ۽ لڳن کي سار??هي??. هن آفتن ۽ موسمياتي تبديلي جي انتظام ۾ ??اڪ??تان سان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي آءِ آر سي جي خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزيراعظم جا خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، سيد طارق فاطمي، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ عملدار موجود هئا.
پاڪستان موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صلاحيت وڌائڻ لاءِ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي مسلسل حمايت جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ