اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي هڪ لک 85 هزار مس??حق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو آهي، مس??حق خاندان اٽي جو تحفو (سڀاڻي) ڇنڇر کان حاصل ڪري سگهندا، مس??حق ماڻهو مفت اٽو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي 40 پوائنٽس تان حاصل ڪري سگهندا، مس??حق ماڻهن جي ڊيٽا بينظير ??نڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍيل هوندي، انتظار جي زحمت کان بچڻ جي لاءِ مس??حق ماڻهو بينظير ??نڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي اٽو حاصل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مس??لن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جي دور ۾ حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته اٽي جي فراهمي جي وقت عوام کي ڊگهي قطار جي زحمت کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي عوام کي ريليف جي فراهمي جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رمضان دوران وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي هڪ لک 85 هزار مس??حق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو ويندو، اهي خاندان جيڪي بينظير ??نڪم سپورٽ پروگرام سان رجسٽرڊ آهن ۽ جنهن جو پاورٽي اسڪور (پي ??يم ٽي) 60 يا ان کان گهٽ آهي اهي 18 مارچ 2023ع کان ان سهولت مان فائدو کڻي سگهندا، رجسٽرڊ خاندان هڪ مهيني دوران 30 ڪلو اٽو حاصل ڪري سگهندو، مس??حق ماڻهو مفت اٽو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي 40 پوائنٽس تان حاصل ڪري سگهندا، مس??حق ماڻهو بينظير ??نڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي اٽو حاصل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت جي لاءِ ٽال فري نمبر 05590 – 0800 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اس??اق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر طارق فضل چوڌري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران اسلام آباد جي هڪ لک 85 هزار مستحق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو، مُفت اٽو يوٽيلٽي اسٽورز تان ملندو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن