اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوئيٽزرلينڊ ۾ عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موق??ي تي ڏکڻ آفريقا جي عالمي لاڳاپن ۽ تعاون جي وزير سان ملاقات ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موق??ي تي ڊاڪٽر ناليڊي ??نڊ??ر سان ملي خوشي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ هر سطح تي پراڻا مضبوط لاڳاپا ??ائم آهن. ڏکڻ آفريقا جي پرڏيهي وزير سان گڏيل دلچسپي جي عالمي معاملن تي سٺي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ٻوڏ کانپوءِ ڏکڻ آفريقا جي حمايت ۽ يڪجهتي جي تعريف ڪئي. ملاقات دوران واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان اسان جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر