اس??ام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اي پ?? ايس سانحي قوم کي دهشتگرد?? جي خلاف فيصلائتي جنگ جي لاءِ ت??ار ڪيو، پوري قوم دهشتگرد?? جي باقيات کي حتمي طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ متحد آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علو?? اي پ?? ايس سانح?? جي شهيدن جي اٺين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شرپسند عنصرن معصوم ٻارڙن تي حملو ڪيو، شهيد ڪري انسانيت سوز ظلم ڪيو، اي پ?? ايس سانحي قوم کي دهشتگرد?? جي خلاف فيصلائتي جنگ جي لاءِ ت??ار ڪيو. هن چيو ته 8 سال گذري وڃڻ جي باوجود ان دل ڏکوئيندڙ واقع?? جي ياد اڄ به اسان جي دلين ۾ تازي آهي، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگرد?? جي باقيات کي حتمي طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏ آهي، دهشتگرد?? جي ڪا ڪوشش دهشتگرد?? جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي دهشتگرد?? جي خلاف پنهنجي قيمتي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن جي پڻ ياد ڏياري ٿو، هي ڏينهن عالمي برادر?? جي لاءِ به يادگيري آهي ته دهشتگردي اسان سڀني جو گڏيل مسئلو آهي ۽ اسان کي گڏجي دنيا مان ان جو خاتمو ڪرڻ جي پنهنجي ڪوشش وڌيڪ تيز ڪرڻي پوندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري.
اي پي ايس سانحي قوم کي دهشتگردي جي خلاف فيصلائتي جنگ جي لاءِ تيار ڪيو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس