اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۽ ٻين علائقن ۾ دهشتگردن جي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سختي ??ان منهن ڏينداسين، دهشتگردي جو مسئلو قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، گڏيل سوچ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي. وزراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم چيو ته رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جهڪندي، دهشتگردن کي آئين ۽ قانون م??جب منهن ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت دهشتگردن جي ٻاهرئين سهولتڪاري ۽ پناهگاهن جو خاتمو به ڪندي، پوري قوم دلير فوج ??ان گڏ دهشتگردي جو خاتمو ڪري رهندي. وزراعظم دهشتگردي جي خلاف ڪم ڪندڙ فورسز جي جذب?? ۽ ??زم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ۽ علاج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، رد الفساد ۽ ضرب عضب دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم قدم هئا. هٿياربند فوج، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جون عظيم قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. امن امان جي بنيادي ذميواري صوبن جي آهي پر وفاق ان سنگين مسئلن تي اکيون بند نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مقابلي لاءِ صوبن ??ان گڏجي ڪم ڪنداسين. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرائينداسين. صوبائي حڪومت جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافو دهشتگردي جي خاتمي ۾ اهم آهي. وزيراعظم چيو ته وفاق صوبن ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري فورس ۽ ڊپارٽمينٽ ??ي پيشوراڻي صلاحيت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندو. خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ??ي نئين سر جوڙجڪ تي ڪم ڪنداسين. پنهنجي فورسز جون سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين، جديد هٿيارن جي فراهمي ۽ پي??يو??راڻي تربيت تي ڌيان ڏنو ويندو.
دهشتگردي ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سختي سان منهن ڏينداسين، دهشتگردي جو مسئلو قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، گڏيل سوچ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا