لاڙڪاڻو- 30 نومبر (اي پي پي) ٿا??لي??ڊ جو وفد ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ قمبر پهتو جتي وفد ۾ شامل اسلامڪ ڪائونسل جي اڳواڻن علي جان، فواد ۽ ٻين ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي رقم ورهائي کين هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڪوٺايل تقريب ۾ ايم پي اي معظم علي عباسي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي معززن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفد ۾ شامل اڳواڻن علي جان، فواد ۽ چيو ته اڄ اسلامڪ ڪائونسل طرفان شيخ الاسلام ۽ اسلامڪ سينٽر جي سهڪار سان گڏ ڪيل امدادي رقم قمب?? ضلعي جي ٻوڏ متاثرن ۾ ورهائي ج??هن سان سندن مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. هنن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ هي رقم ڪافي ناهي پر اسين متاثر ماڻهن جي خدمت جي جي جذبي تحت هتي آيا آهيون جيئن ا??هن جي وڌ کان وڌ واهر ڪري سگهون. هنن چيو ته ٻوڏ متاثر اسان جا ڀائر آهن ا??هن جي مستقبل ۾ به واهر ڪئي ويندي اڄ جن متاثرن کي مالي امداد ملي آهي اميد ته ا??هن جا ڪيترائي مسئلا حل ٿيندا. ان موقعي تي معظم علي عباسي چيو ته ٿا??لي??ڊ جي وفد طرفان ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ سٺو عمل آهي پر ان کان وڌيڪ ا??هن جي واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارو ڪم شروع ڪري ا??هن جي مالي مدد ڪري جيئن هو پنهنجي خاندانن سان خوشحال زندگي گذاري سگهن. ان حوالي سان امدادي رقم وصول ڪندڙ ٻوڏ متاثرن چيو ته اسين ٿا??لي??ڊ جي وفد جا ٿورائتا آهيون جن هن مشڪل گهڙي ۾ اسان جي سار لهي بهتر نموني مالي امداد ڪئي آهي.
ٿائلينڊ جو وفد ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ قمبر پهتو، ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي رقم ورهائي کين هر ممڪن سهڪار جي خاطري
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil