شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي عراق، تاجڪستان، انڊونيشيا جي ص??رن ۽ لبنان جي وزيراعظم ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مصر ۾ موسمياتي تبديلين جي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڪوششن تي وزيراعظم شهباز شر??ف سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو، عالمي اڳواڻن وزيراعظم جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مسلسل موجودگي کي غيرمعمولي جذبو قرار ڏنو. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف مصروف ڏينهن گذاريو. هن ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي شرم الشيخ ڪانگريس سينٽر ۾ اهم عالمي اڳواڻن سا?? ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان عراق جي صدر عبداللطيف راشد، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، انڊونيشيا جي صدر جوويدود جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شر??ف سان لبنان جي وزيراعظم نجيب ميڪاتي پڻ ??لاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته کاڄرو تيل جي فوري پهچ تي توهان جا تمام گهڻ?? ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي صدر چيو ته پاڪستان اسان جو ڀاءُ آهي، هر ممڪن مدد تي خوشي ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سا?? ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته تاجڪستان جو صدر هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پاڪستان ايندو. ٻنهي اڳواڻن ۾ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. غيرملڪي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ جاني نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلين سان پوري دنيا متاثر ٿي رهي آهي، ان جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد تي عالمي برادري ج?? ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ عالمي اڳواڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي عراق، تاجڪستان، انڊونيشيا جي صدرن ۽ لبنان جي وزيراعظم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر