اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل انتونيوگوتريش جي ٻوڏ متاثرن جي مثالي حمايت تي ٿورو مڃيندي چيو آهي ته هو ٻوڏ متاثرن جي ڏکن جو آواز بڻجي ويو آهن. پاڪستان کي ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته سيڪريٽر?? جنرل انتونيوگوتريش طرفان ٻوڏ متاثرنجي مثالي حمايت تي سندس ٿورو مڃيون ٿا، سندس ٻن ڏينهن وارو اهو دورو ان انساني سانحي بابت سڄي دنيا ۾ آگاهي ڦهلائڻ لاءِ نهايت اهم رهيو. سندس همدردي ۽ قائداڻين خصوصيتن مونکي متاثر ڪيو. پاڪستان کي ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت آهي. هن چيو ته شديد گرمي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ امدادي ڪيمپس ??ي دوري دوران گڏيل قومن جو سيڪريٽر?? جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهيون ڏسي حيران رهجي ويو. هو ٻوڏ متاثر جي ڏکن جو آواز بڻجي ويو آهي. دنيا کي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان سندس ڳ??لهه ٻولهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل طرفان ٻوڏ متاثرن جي مثالي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو
مضمون کا ماخذ : sorteios quina