اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪرغزستان جي نائب پرڏيهي وزير ارتڪ بائيو ايبڪ مختاروچ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان تاريخ ۽ ثقافت جي انمول رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان جو سامونڊي رستو وچ ايشيائي رياستن ج?? واپار ۾ فروغ جي لاءِ وڌيڪ معاون ثا??ت ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ۽ ڪرغزستان ج?? واپار ?? وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪرغزستان ۾ هزارين پاڪستاني شا??رد تعليم پرائي رهيا آهن، عوامي سطح تي رابطن کي سياحتي ۽ ثقافتي ڏس ?? وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ