اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف جنگلوٽ اسڪردو روڊ (جي ايس آر) جي بندش جو نوٽيس وٺندي رستو فوري کولڻ ۽ ملڪي ۽ غيرمل??ي سياحن جي سارسنڀال ۽ ضرورت جي شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري انتظامن جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم ميڊيا آفيس ??ار??ن جاري بيان موجب ??زي??اعظم جابلو ڇپون ڪرڻ سان تورمڪ وٽ بند رستو فوري کولڻ ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) کي هنگامي قدمن جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي آهي ته اضافي مشينري ۽ افرادي قوت استعمال ڪئي وڃي، رستو جلد کوليو وڃي، ملڪي ۽ غيرمل??ي سياحن جي سارسنڀال ۽ ضرورت جي شين جي فراهمي يقيني بڻائآڻ جي لاءِ فوري انتظام ڪيا وڃن. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته سياحن جي اچڻ سان گلگت بلتستان ۾ ضرورت جي شين جي استعمال ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو تنهن ڪري شين جي کوٽ نه ٿيڻ ڏني وڃي. ??زي??اعظم علائقي جي ڪاروباري شخصيتن، آبادي ۽ سياحن کي درپيش مشڪلاتون فوري ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي ڪري ماڻهن کي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس به وڃڻو آهي، ان لاءِ ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. شديد برساتن ۽ جابلو ڇپون ڪرڻ سان گذريل ٻن هفتن دوران 6 ڏينهن رستو بند هو. جنگلوٽ اسڪردو روڊ گلگت بلتستان کي تيل ۽ کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي ۽ اچ وڃ جو واحد زميني رستو آهي. مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سياح مختلف اڏامن ذريعي گلگت بلتستان اچي رهيا آهن. گلگت بلتستان جي هوٽلز ۽ س??اح?? جي شعبي سان واڳيل ماڻهن ??زي??اعظم کان رستي جي ڊگهي بندش جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.
وزيراعظم پاران جي ايس آر رستو فوري کولڻ لاءِ فوري انتظامن جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج