اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فلسطيني هم منصب ر??اض المالڪي جي وچ ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن پاڪستان ۽ فلسطين جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ پارلياماني رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ تي ??تفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، فلسطين جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي، عالمي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان فلسطين سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. فلسطيني پرڏيه?? وزير فلسطين جي موجوده صورتحال کان پرڏيه?? وزير کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام پاران فلسطين جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ يڪجهتي ??و اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان او آءِ سي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي فلسطين مسئلي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرايو ۽ ان پراڻي مسئلي جي جلد منصفاڻي حل جي مطالبي تي ??ور ڏنو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي فلسطين مسئلي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي، پاڪستان فلسطين جي حوالي سان پنهنجي اصولي ۽ واضح موقف تي قائم آهي. هن چيو ته فلسطين جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسي پاڪستاني عوام جي جذبن جي ترجمان آهي. فلسطيني پرڏيه?? وزير فلسطين ۾ جنگبندي جي لاءِ پاڪستان جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار کي ساراهيندي پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.
او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فلسطيني هم منصب رياض المالڪي وچ ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ