اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان تاجڪستان ۽ تيونس جي پنهنجي هم منصبن پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ڳالهين دوران ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيال ڪيا ويا، پرڏيهي آفيس موجب تاجڪستان پنهنجي منصب سراج الدين مهر الدين سان ڳالهائيند?? پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي رياستن سان بهتر ۽ نتيجا خيز رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آ??ي، هن چيو ته اسان سياسي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي، دفاع ۽ عوامي رابطن جي فروغ لاءِ پرعزم آهيون، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت، گڏيل ??زارتي ڪميشن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل ??رڪنگ گروپس جي موجودگي ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آ??ي، پرڏيهي وزير ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اداره ??ات?? ميڪانزم جي اجلاسن جي باقاعده انعقاد جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ”ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ“ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي اميد جو اظهار ڪيو. هن يو ته اسان ڪاسا 1000، منصوبي جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پرعزم آهيون، ٻنه?? پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ سڌو سنئون اڏامون ٻيهر شر??ع ڪرڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، تيونس جي پنهنجي هم منصب عثمان جيرندي سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ تيونس جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو، ٻنه?? پرڏيهي وزيرن مارچ 2021ع ۾ پنهنج?? پرڏيهي سيڪريٽرين جي وچ ۾ منعقد ٻطرفي سياسي مشاورت جي آخري اجلاس ۽ ٻطرفي ترجيحي معاهدن جي امڪانن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٿيندڙ ڳالهين تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ڪميشن جو جلد ايندڙ اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته تيونس جو پرڏيهي وزير ان اجلاس ۾ پاڻ سان گڏ تيونس جو ڪاروباري وفد کي به گڏ آڻيندو. پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ تيونس جي ڪردار ۽ گڏيل ??ومن ۽ او آءِ سي ۾ ڪشمير مسئلي تي ان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. ٻنه?? پرڏيهي وزيرن پنهنجي فوجي، دفاعي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ لاڳاپيل ??عاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ انهن شعبن ۾ پهرين کان موجود بهترين ٻطرفي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنه?? پرڏيهي وزيرن پنهنجي پارلياماني، سياسي، عسڪري ۽ سيڪيورٽي قيادتن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن ۽ مٽاسٽا کي برقرار رکن، ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ، ترجيحي واپاري معاهدي تي ڳالهين کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ 2022ع ۾ پاڪ تيونس گڏيل ڪميشن جو جلد اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان تاجڪستان ۽ تيونس جي پنهنجي هم منصبن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل