جهلم – 29 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مريم نواز ۽ بلاول جو قد نه آهي ته اهي قومي ليڊر بڻجي سگهن، انهن کي مشورو آهي ته اهي اڳ ۾ ميئر جي چونڊ وڙهن پوءِ قومي سياست ۾ اچڻ جو سوچين، سياسي نومولود پنهنجي سينيئر قيادت جي ??اءِ پوزيشنز خالي ڪن، سينيٽ ۾ مخالف ڌر کي شڪست کانپوءِ ثابت ٿي ويو ته اهي سموريون پارٽيون گڏجي به عمران خان جي اڳيان ڍير آهن، نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، اسان کي خراب معيشت ورثي ۾ ملي، اسان معيشت جو ٻيهر بنياد رکيو، اڄ 100 وڏين ڪمپنين جو منافعو 929 ارب رپيا آهي، زراعت سميت صنعتون پنهنجي ??يرن تي بيٺل آهن، بلوچستان ۾ تخريبي ڪاررواين جي ??ٺيان گهري سازش آهي، اسان جي شهيد جوانن جو رت رائيگان نه ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وف??قي وف??قي بلوچستان ۾ پاڪ فوج جي شهيد جوانن جي ??يملين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي بهادر سپاهين ملڪ جي ??اءِ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪيو، پاڪستان جو هر شخص پاڪ فوج جي شهيد جوانن جو احسان مند آهي، اسان انهن جي ??ربانين جو مداوو نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته اسان جي جوانن پنهنجي ڇاتين تي گوليون کاڌيون، پوري قوم انهن شهيدن جي ??الدين ۽ انهن جي ??يمليز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ تخريبي ڪاررواين جي ??ٺيان گهري سازش آهي، اسان جي شهيد جوانن جو رت رائيگان نه ويندو. هن چيو ته اسان اڳ ۾ به دشمنن کي سختي سان منهن ڏنو هو، هاڻي به انهن جي خلاف ڪارروائي جي ??اءِ پوري طرح تيار آهيون. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته پاڪستان ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙن جي ??اءِ واضح پيغام آهي ته پاڪستان انشاءَ الله قيامت تائين قائم رهندو. دهشتگردي جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، پنهنجي شهيد جوانن جي رت جو پورو حساب ورتو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي ??عيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، اسان معاشي استحڪام حاصل ڪيو آهي، اسان کي خراب معيشت ورثي ۾ ملي هئ??، جڏهن عمران خان وزارت عظميٰ جو حلف کڻي رهيو ??و ته اسان وٽ وسيلا نه هئا، معيشت جي خراب حالت هئي. هن چيو ته نواز شريف اينڊ ڪمپني ملڪي معيشت جو جيڪو حشر ڪيو ان جي گواهي ان وقت جي انهن جي ??نهنجي ??اڻي واري وزير ڏني. اسحاق ڊار ۽ نواز شريف ٻنهي گڏجي ??عيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، اسان ان کي وساري نه ٿا سگهون. هن چيو ته اسان معيشت جو ٻيهر بنياد رکيو، اڄ 100 وڏين ڪمپنين جو منافعو 929 ارب رپيا آهي، ميڊيا هائوسز جي ??نافعي ۾ به تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، ڪجهه ميڊيا هائوسز پنهنجي ??لازمن جي ??گهارن ۾ اضافو ڪيو آهي، باقي ادارن ۽ ڪمپنين کي به گذارش آهي ته اهي پنهنجي ??لازمن جي ??گهارن ۾ اضافو ڪن. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ زراعت سميت صنعتون پنهنجي ??يرن تي بيٺل آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ڪهرام مچائڻ جي ??اڪام ڪوشش ڪئي وئي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر کي نام نهاد برتري حاصل هئي، ان برتري جي باوجود مخالف ڌر گذريل ڏينهن ناڪام ٿي. ان مان ثابت ٿي ويو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ حڪومت کي ڀرپور طريقي سان اڪثريت حاصل آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته عمران خان جي اڳيان مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون گڏجي به ڍير آهن، سمورين سياسي پارٽين ۾ عمران خان جي ??د جو ڪو ليڊر نه آهي، (ن) ليگ ۽ مخالف ڌر جون ٻيون پارٽيون وڻ وڻ جي ڪاٺي آهن، جهڙي طرح انهن کي سينيٽ ۾ شڪست ٿي، اهو سلسلو اڳتي به نظر ايندو رهندو. وزيراعظم جي چين جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته وزيراعظم جي چين جي دوري سان پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن ٻڌايو ته وزيراعظم ايندڙ ڪجهه مهينن دوران وڌيڪ پرڏيهي دورا به ڪندو، انهن دورن سان عالمي سطح تي پاڪستان جي سڃاڻپ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ پرڏيهي پاليسي کي استحڪام ملندو. چوڌري فواد حسين چيو ته هلندڙ سال پاڪستان جي ڪاميابين جو سفر جاري رهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته ملڪ کي بلاول ۽ مريم جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي، مريم ۽ بلاول جو قد نه آهي ته اهي قومي ليڊر بڻجي سگهن، انهن کي گهرجي ته اهي اڳ ۾ ميئر جي چونڊ وڙهن، پاڪستان ۾ بادشاهت جو نظام نه آهي جو اهي ماڻهو سڌوسنئون اچي گديءَ تي ويهي رهندا، اهي سياسي نومولود پنهنجي سينيئر قيادت جي ??اءِ پوزيشنز خالي ڪن. هن چيو ته (ن) ليگ جي اندر به تبديلي جو بحث هلي رهيو آهي، (ن) ليگ جا ماڻهو به چاهين ٿا ته شريف فيملي جي جڳهه نئين ماڻهن کي اچڻ گهرجي. اهڙو بحث پيپلزپارٽي جي اندر به ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مريم نواز ۽ بلاول جيڪڏهن جمهوري عمل جي ذريعي مٿي ايندا ته اهو انهن جو حق آهي، ان کانسواءِ مٿي ايندا ته اها زيادتي ٿيندي. هڪ سوال تي هن چيو ته مخالف ڌر پارٽين جو نه پارليامينٽ جي اندر ۽ نه ٻاهر قدر آهي. انهن حڪومت جي خلاف ستون ڀيرو تحريڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. مخالف ڌر کي مولانا فضل الرحمان جي ??درسن جي ??ارن تي دارومدار ڪرڻو پوي ٿو، مولانا فضل الرحمان جي ??درسن جي ??ارن کي سياست ۾ استعمال ڪرڻ جي ريت تمام گهڻي پراڻي آه??، جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته انهن ٻارن جي بنياد تي هو حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائيندو ته ائين ممڪن نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته عوام چاهي ٿي ته ملڪ مان ڦريل دولت واپس آندي وڃي. مريم نواز ۽ نواز شريف سان اسان جو ذاتي جهيڙو نه آهي، اسان انهن کان ڦريل دولت واپس آڻڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته جيڪي ماڻهو نواز شريف سان ان جي ??هانگن اپارٽمينٽس ۾ ملاقاتون ڪن ٿا نواز شريف اپارٽمينٽس کان انڪار ڪري رهيو آهي ته اهي اپارٽمينٽس سندس نه آهن. نواز شريف جو ماهوار خرچ ڪروڙين رپيا آهي ۽ ان جي جيڪڏهن ٽيڪس جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته ان وٽ دولت غيرقانوني آهي. هن چيو ته برطانوي حڪومت نواز شريف جي ??يزا ۾ توسيع جون ٻه اپيلون رد ڪري ڇڏيون آهن، عدالتي معاملن ۾ وقت لڳي ٿو، ان لاءِ هينئر کان ئي انهن چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته هو پاڪستان اچي رهيو آهي ڇو ته نواز شريف کي خبر آهي ته کيس وڌيڪ موقعو نه ملندو، کيس واپس اچڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته مخالف ڌر جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ت??ڙ ۾ لڳل آهن ته اک جهپڪي ۽ ٻيو ??ائدو کڻي وٺي، اسان کي ته ان ڳالهه جي ??ڪر آهي ته اهي هڪ ٻئي جا ڪپڙا نه ڦاڙين. مخالف ڌر جو پارليامينٽ جي اندر موقف جدا ۽ ٻاهر جدا هوندو آهي، انهن وٽ ليڊرشپ نه آهي، (ن) ليگ جي اندر به سخت ويڙهه آهي، اهڙي طرح پيپلزپارٽي ۾ به استحڪام نظر نه اچي رهيو آهي. هن چيو ته مخالف ڌر پي ٽي آءِ جو مقابلو نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ڪري سگهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته اسان چوڌري شجاعت حسين جو احترام ڪريون ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جو خيال آهي ته اسان احتساب جي عمل تان پٺتي هٽي وينداسين ته اسان جو ووٽر ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته راوي منصوبو هائوسنگ سوسائٽي نه آهي پر پورو شهر ٺهي رهيو آهي جيڪو هڪ لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي ٻڌل هوندو. هن چيو ته جهلم ۾ اسان ميگا پراجيڪٽس شروع ڪيا آهن، انشاءَ الله جهلم اسلام آباد جي برابر شهر بڻجي ??يندو. اڄ ترقياتي ڪمن جي ڪري هتي زمينن جون قيمتون به وڌيون آهن. هن وقت جيڪي انفراسٽرڪچر جا منصوبا شروع ڪيا آهن انشاءَ الله انهن منصوبن سان جهلم جي ت??قي جو منظر ئي بدلجي ??يندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته عالمي منڊي ۾ يوريا جي ??يمت 10 کان 12 هزار رپيا في بيگ آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ ان جي ??يمت بليڪ مارڪيٽ ۾ به 2200 کان وڌيڪ نه آهي. عالمي مارڪيٽ ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ فرق تمام وڌيڪ آهي، هن وقت جنهن جڳهه تي سرڪاري اگهن تي يوريا ڀاڻ ملي رهي آهي اتي لائينون لڳل آهن. هن چيو ته ڀاڻ جي کوٽ نه پر ورڇ ۾ مسئلا موجود آهن جيڪي جلد ختم ڪيا ويندا.
مريم نواز ۽ بلاول جو قد نه آهي ته اهي قومي ليڊر بڻجي سگهن، انهن کي مشورو آهي ته اهي اڳ ۾ ميئر جي چونڊ وڙهن پوءِ قومي سياست ۾ اچڻ جو سوچين: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک