اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ انساني ??حران کي منهن ڏيڻ، خوراڪ جي تحفظ ۽ اقتصادي بحالي کانسواءِ دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ اداراجاتي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڇهه نق??طي حڪمت عملي جون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون. پارليامينٽ هائوس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ افغان عوام جي مدد جي لاءِ ڇهه نق??طي فريم ورڪ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي ميمبر ملڪن ۽ ٻين ڊونرز پاران واعدن سميت افغان عوام جي فوري پائيدار انساني ۽ مالي مدد جي فراهمي جي لاءِ او آءِ سي جي اندر پليٽ فارم قائم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وز??ر چيو ته افغانستان کي انساني ??لميي کان بچائڻ جي لاءِ مسلمان امت ۽ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وز??ر چيو ته اسان کي افغان عوام جي لاءِ ٻطرفي يا او آءِ سي جي ذريعي افغان نوجوانن کي تعليم، صحت، فني ۽ پيشيواراڻي مهارت جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي اتفاق ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ عالمي مالياتي ادارن تي ٻڌل ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو وڃي ته جيئن افغان عوام جي جائز بئنڪاري نظام تائين پهچ کي آسان بڻائڻ ۽ افغان عوام جي ليڪويڊيٽي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ جي طريقن تي غور ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان کي افغان عوام جي غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جڏهن ته فوڊ سيڪيورٽي بابت اسلامي تعاون تنظيم کي انهن ڪوششن جي قيادت ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وز??ر چيو ته اسان کي سياسي ۽ سماجي شموليت، انساني ??قن خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي احترام ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان عالمي برادري جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مدد جي لاءِ افغان عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. افغانستان ۾ خوفناڪ انساني ??ورتحال ۽ اتي معاشي بدحالي جي خطرن طرف اشارو ڪندي پرڏيهي وز??ر چيو ته هي گڏيل تعاون جو هٿ وڌائڻ جو وقت آهي نه ڪي حمايت روڪڻ جو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪري ٿو ته انساني ??مداد بنا ڪنهن شرط جي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته افغانستان ۾ وڏي انساني ??حران ۽ اقتصادي تباهي جا نتيجا تباهي آڻيندڙ هوندا. پرڏيهي وز??ر چيو ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني ??حران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، ڪانفرنس دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڇڪرائڻ جي لاءِ تمام اهم آهي، هن وقت افغانستان ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آهي، ان مقصد جي لاءِ افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضر??رت آهي.
پاڪستان پاران افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ، خوراڪ جي تحفظ ۽ اقتصادي بحالي کانسواءِ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ اداراجاتي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڇهه نقاطي حڪمت عملي پيش
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن