اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومون ذهنن سان ٺهنديون آهن، پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم تي ڌيان وڌي رهيو آهي، ملڪ کي تعليم ۽ هايئر ا??جوڪيشن ۾ اڳتي وڌائينداسين، معاشرو تعليم يافته عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري، تعليم جي ميدان ۾ ترقي ڪري پاڪستان وڏي تيزي سان ترقي يافته ملڪ بڻجندو. صدر ا??ڙن خيان جو اظهار ڪنوينشن سينٽر ۾ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي 2021ع جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪ??و. ??انووڪيشن ۾ يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر عارف علوي، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، تعليم واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي سربراهن کانسواءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هڪ وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته يونيورسٽي جي نائين ڪانووڪيشن ۾ شرڪت تي خوشي آهي، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته انهن زندگي جو هڪ مرحلو عبور ڪري ورتو آهي. تعليمي ميدان ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي نمايان ڪاميابي کي ساراهيندي هن چيو ته قائداعظم يوينورسٽي پاڪستان جي ٻين تعليمي ادارن جي ڀيٽ ۾ رينڪنگ جي لحاظ کان نمبر ون آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهو نمايان مقام محنت سان اچي ٿو، ان ڳالهه جي وڏي اهميت آهي ته تعليم ڪهڙي انداز سان ڏني وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم تي ڌيان وڌي رهيو آهي، هي قوم هڪ خاص مقصد ۽ منزل سان اڀري رهي آهي، جمهوري?? جي بنياد تي پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ مديني جي رياس?? جي طرز تي هلڻو آهي، ملڪ کي تعليم ۽ هايئر ا??جوڪيشن ۾ اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته پاڪستان اخلاقيا?? جي بنياد تي دنيا جو ليڊر بڻجندو، برينڊ پاڪستان جو بنياد ديانتداري هوندي، دنيا ۾ فيڪ نيوز جي يلغار آهي، شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ والدين ۽ معاشري جي خدمت ڪن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ رڳو 9 کان 10 شاگرد هايئر ا??جوڪيشن ۾ وڃن ٿا جڏهن ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ اها شرح وڌيڪ آهي. صدر چيو ته قومون قدرتي وسيلن سان نه ذهنن سان ٺهنديون آهن، موهن جو دڙو هزارين سال اڳ آباد ٿيو پر ت??ها?? کي اتي ڪو هٿيار نه ملندو، جرمني ۽ جاپان ٻي عالمي جنگ کانپوءِ تعليم ذريعي ترقي جون منزلون طئي ڪيون، پاڪستان ۾ نوجوانن جو انگ وڌيڪ آهي جن تي ڌيان ڏئي انهن کي اعليٰ تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائي سگهجي ٿو، يونيورسٽي جي شاگردن ۽ فيڪلٽي کي مبارڪباد ڏيندي صدر چيو ته يونيورسٽي جي فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ سان گڏوگڏ معاشري جون ذميواريون پڻ کڻڻ گهرجن ۽ ان مقصد جي لاءِ ٻين جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
قومون ذهنن سان ٺهنديون آهن، پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم تي ڌيان وڌي رهيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania