اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي، آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي وچ ۾ موجود فرق کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ڪاروباري برادري کي موزون ماحول ۽ ڪاروب??ر دوست پاليسين جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي روانگي واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل مختلف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، ڪامرس ڊويزن ۽ توانائي ڊويزن جي سيڪريٽرين ۽ سينيئر اهلڪارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته پاڪستان جي موجوده روانگي واپار جي ڪاٿي ۾ مجموعي طور تي 30 ارب ڊالر جو اضافو ممڪن آهي. روانگي واپار وڌائڻ جي ڏس ۾ ممڪن طور تي آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، دوائن، پولٽري، چانور، ڀاڄين ۽ ميون، چمڙي، لوڻ، سنگ مرمر، سرامڪس ۽ سرجيڪل اوزارن سميت 19 مصنوعات تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪامرس ڊويزن ٻڌاي?? ته سمورن حصيدارن بشمول صنعتڪارن، برآمد ڪندڙن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن سان مشاورت جو عمل جاري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته سمورا معاشي ا??ار?? مثبت رخ ۾ وڌي رهيا آهن، جڏهن ته آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي وچ ۾ موجود فرق کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. حڪومت برآمد ڪندڙن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪامرس ڊويزن کي هدايت ڪئي ته پرڏيهه ۾ مقرر پاڪستان جي ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرن جي لاءِ هدف متعين ڪيا وڃن. هن چي?? ته ڪامرس ڊويزن ايندڙ ٻن هفتن ۾ اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ فريم ورڪ منظوري جي لاءِ پيش ڪري. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان روانگي واپار ۾ اضافي جي ڏس ۾ مارڪيٽ ۽ مصنوعات ۾ واڌ آڻڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستاني ڪاروباري برادري ۾ بيشمار پوٽينشل موجود آهي. ڪاروباري برادري کي موزون ماحول ۽ ڪاروب??ر دوست پاليسين جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چي?? ته حڪومت ڪاروباري برادري جي مشاورت سان پاليسين جي جوڙجڪ جي فلسفي تي عمل پيرا آهي ۽ حڪومت ۽ انڊسٽري جي مضبوط پارٽنرشپ جو سلسلو جاري رهندو. هن چي?? ته جتي هڪ طرف حڪومت ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي اتي حڪومت ڪاروباري برادري کان اميد ڪري ٿي ته اها ان موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏي.
حڪومت روانگي واپار ڪندڙن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina