اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ايندڙ نسلن کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ ۽ ان جي غير قانوني واپارر کي روڪڻ لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏيل ڪوشش??ن ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت پاڪستان جون ترجيحون واضح آهن، اسان منشيات جي ضبطي ۽ سرحدن جي نگراني جي موثر نظام جي ذريعي منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل آهيو??، منشيات جي استعمال ۽ اسمگلن?? جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ??ه منشيات جي خاتمي وارو عالمي ڏينهن هر سال 26 جون تي عالمي اڳواڻن، عالمي برادري، عالمي اتحاد ۽ انجمن سميت سڀني لاءِ هڪ يادگيري جي ڏينهن جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته اسان گڏيل ڪوششن سان منشيات جي غير قانوني واپار کي روڪڻ لاءِ پنهنجون گڏيل ذميداريون ادا ڪريون. هن چيو ??ه اڄوڪي ڏينهن اسان منشيات جي اسمگلن?? جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ڇو ته ان سان عوام جي صحت کي سخت خطرا درپيش آه??، منشيات جي استعمال ۽ ان جي غير قانوني اسمگلن?? جي روڪٿام لاءِ موثر قدم حڪومت پاڪستان جي اولين ترجيح آهن.
ايندڙ نسلن کي منشيات جي لعنت کان بچائڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم