گڏيل ??ومون -13 نو??بر (اي پي پي) غزه تي اسرائيلي حملن ۾ فوتگين جي تعداد 11 هزار کان وڌي وئي ۽ زخمي 27 هزار 490 تائين پهچي چڪا آهن. برطانوي اخبار مطابق غزه جي پٽي تي 7 ??ڪٽوبر کان شروع ڪيل اسرائيلي زميني، سامونڊي ۽ هوائي حملن علائقي ۾ وڏي پيماني تي افراتفري ۽ تباهي پکيڙي آهي. ان حوالي سان گڏيل ??ومن جي انساني معاملن بابت رابطا آفيس جي ويب سائيٽ تي جاري رپورٽ مطابق غزه تي تازن اسرائيلي حملن ۾ 41 هزار کان وڌيڪ گهر تباهه ۽ 2 لک 22 هزار کان وڌيڪ کي نقصان پهتو آهي. هن ٻڌايو ته اسرائيلي حملن دوران غزه ۾ ٿيل ??وتگين جو تعداد 11 هزار کان وڌي چڪو آهي، جڏهن ته زخمين جو تعداد 27 هزار 490 ٿي چڪو آهي. اسرائيلي حملن ۾ ٿيل ??وتگين ۾ 3 هزار 27 عورتون، 4506 ٻار ۽ 678 بزرگ ماڻهو شامل آهن. رپورٽ مطابق 2700 ماڻهن جن ۾ 1500 ٻار شامل آهن هن وقت تائين گم آهن. رپورٽ مطابق مجموعي طور تي غزه جي گهٽ م گهٽ 45 سيڪڙو رهائشي يونٽن کي مبينه طور تي نقصان پهتو يا اهي تباهه ٿي ويا. اهي انگ اکر غزه جي اختيارين طرفان فراهم ڪيا ويا آهن.
غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 11 هزار فوتگيون، 41 هزار گهر تباهه ٿي چڪا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب