تهران- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران ۾ حجاب قانو??ن تي عمل نه ڪرڻ سب?? هڪ تمام وڏو واٽر پارڪ بند ڪيو ويو. ايراني خابرو اداري فارس مطابق ايراني اختيارين اتر اوڀر ايران جي شهر مشهد ۾ هڪ تمام وڏو تفريحي پارڪ بند ڪري ڇڏيو. ان پارڪ ۾ باحجاب عورتن کي داخلا جي اجازت نه هئي. خابرو اداري مطابق پوليس ايران جي ٻئين وڏي شهر جي پسگردائي ۾ پاڻي جي راندين لاءِ مشهور خروشان ڪمپليڪس جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. ڪمپليڪس جي ڊائريڪٽر محمد بابائي چيو ته ان کي پردي جي حيثيت جو احترام نه ڪرڻ سب?? بند ڪيو ويو آهي، اسان ايندڙن کي حجاب جي پابندي ڪرڻ جي تنبيهه ڪئي هئي. اهو پارڪ 60 هزار چورس ميٽر ج?? ا??راضي تي ٻڌل آهي ۽ دنيا جو سڀني کان وڏن انڊور واٽر پارڪس مان هڪ طور مشهور آهي. ڪمپليڪس جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ان بندش سب?? هڪ هزار ملازمن کي پنهنجي نوڪري کان محرام ٿيڻ جو خدشو آهي.
ايران، حجاب قانونن تي عمل نه ڪرڻ سبب واٽر پارڪ بند ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا