اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي لاءِ عالمي قدمن کي ساراهيندي پاڪستان پا??ان انهن قدمن جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڊي 2024ع تي پنهنجي پيغام ۾و زيراعظم چيو ته اسان ڪنهن شهري جي سماجي ۽ اقتصادي حيثيت کان هٽي ڪري سڀني جي لاءِ صحت جي سارسنڀال کي پهچ جوڳو بڻائڻ کي اخلاقي طور تي پنهنجو فرض سمجهن ٿا. هن چيو ته صحت تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه اسان جي قومي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي تي ٺاهه هوندو، هي هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن کان مُنهن نٿو موڙي سگهجي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڊي جو موضوع ”صحت: حڪ??مت جي ذميواري“ آهي، ان ڳالهه کي ي??يني بنائڻ ته ڪنهن شخص کي پنهنجي صحت جي سارسنڀال ۽ بنيادي ضرورتن جهڙوڪ خوراڪ، رهائش يا تعليم مان ڪنهن هڪ جي چونڊ نه ڪرڻي پوي، حڪ??مت جي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حڪ??مت صحت سهولت پروگرام جهڙا قدم متعارف ڪرايا آهن، جنهن جي سربراهي قومي صحت واري وزارت ”صحت سڀني جي لاءِ“ جي عنوان سان ڪري رهي آهي. هي پروگرام جنهن کي عالمي سطح تي ڊبليو ايڇ او جهڙين تنظيمن پا??ان ساراهيو پيو وڃي، معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن کي ترجيح ڏيندي لکين خاندانن کي مفت صحت جي سهولت فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪ??مت صحت جي سارسنڀال جي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ ڳوٺاڻي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ خصوصي طور تي انتهائي ضروري زندگي بچائيندڙ دوائن تائين ??هچ کي ي??يني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 2030ع ??ائين ??ائيدار ترقي جي هدفن ۾ واضح ڪيل صحت بابت هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن سان اهڙو فريم ورڪ تيار ۽ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تعاون جاري رکنداسين جيڪي صحت کي بطور بنيادي انساني حق ترجيح ڏين ??ا.
وزيراعظم پاران يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي لاءِ عالمي قدمن جي واکاڻ، پاڪستان پاران ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن