اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ مربوط قدمن ذ??يع?? اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا. سيڙپڪاري بورڊ مان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير آذربا??يج??ن ۾ پاڪستاني سفير سان وڊيو لنڪ ذ??يع?? اجلاس دوران آذربا??يج??ن جي تازي دؤري جي روشني ۾ سيڙپڪاريءَ جي معاملن تي غور ويچار ۽ آئنده لائحه عمل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير، آذربا??يج??ن ۾ پاڪستان جي سفير قاسم محي الدين کان فالو اپ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڊيو لِنڪ اجلاس ۾ مواصلات ۽ نجڪاري جا وفاقي سيڪريٽري به شريڪ هئا. هن پنهنجي کاتي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. قاسم محي الدين، وفاقي وزير کي مختلف معاملن تي ٿيل اڳڀرائيءَ بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته آذربا??يج??ن جا مختلف سرڪاري ادارا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ادارن جي نجڪاري ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته آذربا??يج??ن سان مواصلات جي شعبي ۾ ٻن موٽر ويز، ايم 6 ۽ ايم 9 ۾ سيڙپڪاري تي به غور ڪيو. هن چيو ته ترڪيه ۽ آذربا??يج??ن جي پاڪستان ۾ سفيرن سان جلد ڌار ڌار ملاقاتون ڪندس. هن هدايت ڪئي ته پاڪستاني سفارتخانو ڊسمبر جي جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس کان پهرين پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري. وفاقي وزير کي آذربا??يج??ن سان سيڙپڪاريءَ لاءِ ”جي ٽو جي“ طريقيڪار تي سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفن سرگرمين جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته واپاري معاملن تي سينٽرل ايشيا پاڪستان لاءِ اوڀر يورپ تائين گيٽ وي ثابت ٿي سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته باڪو، آذربا??يج??ن ۾ هلندڙ مهيني ٿيل ڪوپ-29 ۾ پاڪستان جي نمائندگي نمايان رهي.
نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ مربوط قدمن ذريعي اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2