اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 21 کان 26 آڪٽوب?? تائين ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائ?? وزيراعظم دولت مشترڪه جي اجلاس ۾ اهم عالمي مسئلن ۽ چئلينجز تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي، اقتصادي ترقي ۽ دولت مشترڪه جي برادري ۾ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. محمد اسحاق ڊار جو ڪامن ويلٿ بزنس فورم ۾ ”ٽرانسفارمنگ اوور ورڪ فورس“ ۾ پنهنجي اهم خطاب ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، هنر جي ترقي ۽ ڊيجيٽل ت??ديلي تي پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪندو. نائ?? وزيراعظم دولت مشترڪه جي ٻين ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان به ملاقات ڪندو. بيان موجب دولت مشترڪه جي 2024ع جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستان شرڪت دولت مشترڪه سان ان جي مسلسل ڳ??نڍاپي ۽ ننڍي پيسفڪ جزيرن جي ملڪن سان انهن جي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو.
اسحاق ڊار ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس