اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پ?? پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته آءِ پي پ??ز جي مسئلي کي خوش اسلوبيءَ سان حل ڪيو ويندو، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻٽر آهن، مستقبل جي توانائيءَ جي ضرورتن کي پ??رو ڪرڻ لاءِ بهتر منصوبا بندي ڪري رهيا آهيون. گذريل ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چي?? ته توانائيءَ جو شعبو معيشت جي ترقيءَ ?? اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ان لاءِ ان ڳالهه کي ن??ر ۾ رکندي توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارا ڪري رهيا آهيون. هن چي?? ته بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين ۾ ??دي?? ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي. بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي ن??ام کي وقت جي ضرورت سمجهندي ??دي?? رُخن تي آڻي رهيا آهيون. هن چي?? ته ايندڙ ٻن سالن ۾ 17 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي. لائن لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ريڪوريز ۾ بهتريءَ لاءِ وڌيڪ فعال حڪمت عملي اپنائڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ان حوالي سان به سڌارا ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي بنيادي سببن ۾ بهتر منصوبا بنديءَ جو فقدان، گردشي قرضن جو بار ۽ صارفين تي بلند وياج جي شرح آهي.
آءِ پي پيز جي مسئلي کي خوش اسلوبيءَ سان حل ڪيو ويندو: وفاقي وزير اويس خان لغاري
مضمون کا ماخذ : گرم گرم