راولپنڊي-20 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن دوران 12 دهشتگرد ماريا ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ جهڙپن جا 2 واقعا ٿيا، 19 سيپٽمبر تي پاڪ افغان سرحد تي 7 دهشتگردن جي چرپر ڏٺي وئي جيڪي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪر?? رهيا هئا. سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ انهن دهشتگردن جو پتو لڳايو ۽ کين موثر انداز ۾ گهيري ستن ئي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ٻيو واقعو ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لڌا ۾ پي?? آيو جتي خوارجي دهشتگردن جي گروپ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. سيڪيورٽي فورسز مقابلو ڪندي 5 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 بهادر جوانن شهادت ماڻي. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ آيو ۽ علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي خارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مض??وط ڪن ٿيون.
سيڪيورٽي فورسز پاران اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن، 12 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا