راولپنڊي-29 آگسٽ (اي پي پي) چيئرمين جو??ئنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عمان جي سرڪاري دؤري دوران نائب وزيراعظم، بچاءَ واري وزير ۽ شاهي درٻار جي وزير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب چيئرمين جو??ئنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سلطنت عمان جو سرڪاري دؤرو ڪيو. جنرل ساحر شمشاد مرزا نائب وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير سيد شهاب بن طارق بن تيمور سان ملاقات ڪئي. هن شاهي درٻار جي وزير جنرل سلط??ن بن محمد الناماني س??ن به ملاقات ڪئي. چيئرمين جو??ئنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا پنهنجي دؤري دوران چيف آف اسٽاف وائيس ايڊمرل عبدالله بن خميس الر??يس??، سروسز چيفس ۽ چيئرمين آف ڊفينس ا??يڊ??ي س??ن به ملاقاتون ڪيون. ڌار ڌار ملاقاتن دوران تربيت، سيڪيورٽي، دهشتگرديءَ جي خاتمي، دفاعي صنعت سمي?? عسڪري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقاتن ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عسڪري لاڳاپن کي واڌ ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون. عماني عملدارن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو.
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جو عمان جو دؤرو
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا