اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي مو??يٰ خيل ويجهو دهشتگردي جي بدترين واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگرد ۽ انهن جي سهولتڪارن کي عبرتناڪ انجام تائين پڄايو ويندو. دهشتگردي جي جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان زندگي ??ي هر طبقي لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي 23 مسافرن جي قتل جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪارروائين ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان دلي ه??در??ي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي جو چوڻ هو ته مو??يٰ خيل ويجهو دهشتگردن معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي ڏاڍ جو مظاهرو ڪيو. سفاڪيت ۽ ظلم جي انتها ڪئي وئي. هن جو چوڻ هو ته حڪومت قتل ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي ه??در??ي جو اظهار ڪري ٿي ۽ ڏکويل ڪٽنبن سان سندن غم ۾ برابر جي شريڪ آهي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردي جي بدترين واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی