اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ آذرب??ئي??ان جي اعليٰ آڊٽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بهترين آڊٽ طريقا هڪ ٻئي سا?? شيئر ڪرڻ سا?? شفافيت ۽ مالياتي احتساب وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه آذرب??ئي??ان جي چيمبر آف اڪائونٽس جي دوري تي آيل چيئرمين ووگر گل محمدوف سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن پنهنجي وفد سا?? گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان (اي جي پي) محمد اجمل گوندل ۽ اي جي پي جي عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پبلڪ سيڪٽر اڪائونٽنگ سرڪاري ادارن جي مالياتي انتظام جو اهم جز آهي. هن چيو ته آڊٽ سرڪاري خرچن ۾ شفافيت ۽ جوابدهي جي لاءِ اهم آهي. چيئرمين چيمبر آف اڪائونٽس آف آذرب??ئي??ان صدر کي ٻنهي ملڪن جي سپريم آڊٽ ادارن جي وچ ۾ مفاهمت جي ياد??شت بابت ٻڌايو. صدر چيو ته مفاهمت جي ياد??شت سان پبلڪ سيڪٽر آڊيٽنگ جي ش??بي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيندو. هن آذرب??ئي??ان جي سپريم آڊٽ اداري جو جائزو وٺڻ ۾ آڊيٽر جنرل جي ڪردار کي ساراهيو. چيمبر آف اڪائونٽس آف آذرب??ئي??ان جي چيئرمين ووگر گل محمدوف صدر کي آذرب??ئي??ان جي سپريم آڊٽ انسٽيٽيوشن ۽ سپريم آڊٽ انسٽيٽيوشن آف پاڪستان جي وچ ۾ پبلڪ اڪائونٽس جي جائزه مفاهمت جي ياد??شت بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ايم او يو سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان آذرب??ئي??ان سا?? لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان – آذرب??ئي??ان لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخي ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ اقتصادي ش??بن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻو پوندو. صدر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم ترقي جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان ۽ آذرب??ئي??ان جي وچ ۾ تعاون خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ اهم آهي. صدر 7 فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ ٻيهر چونڊجڻ تي آذرب??ئي??ان جي صدر الهام عليوف کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ آذرب??ئي??ان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي اعليٰ آڊٽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے