اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان قنڌار جي گورنر ۽ افغانستان جي ملٽري انٽيلي جنس ۽ اسٽريٽجي جي نائب سربراهه حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن گڏيل دلچسپي جي اه?? معاملن بشمول امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ ??وام سان عوام جي ر??بط?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير افغانستان سان مسلسل ر??بط?? ۽ گڏيل فائديمند لاڳاپن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي واپار ۽ ر??بط?? جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڳڻتي جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اه??يت تي پڻ زور ڏنو. حاجي ملاشيرين چار ڏهاڪن کان لکين افغانين جي فراخدلاڻي حمايت تي پاڪستان کي ساراهيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ر??بط?? ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان اڳ حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ افغان وفد پاڪستان افغانستان گڏيل رابطا ڪميٽي جي ڇهين اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. جي سي سي اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين عوامي ر??بط?? کي فروغ ڏيڻ جي مقصد جي لاءِ سرحد پار چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ رابطاڪاري جي طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان قنڌار جي گورنر ۽ افغانستان جي ملٽري انٽيلي جنس ۽ اسٽريٽجي جي نائب سربراهه جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا