اسلام آ??اد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪ??رٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن بابت لاهور هاءِ ڪ??رٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪ??يش?? کي اڄ ئي چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ درخواستگذار عمير نيازي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪ??يش?? لاهور هاءِ ڪ??رٽ جو فيصلو سپريم ڪ??رٽ ۾ چئلينج ڪيو. لاهور هاءِ ڪ??رٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي، اليڪشن ڪ??يش?? درخواست ڪئي ته سپريم ڪ??رٽ 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سينيئر ججز سان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي ملاقات کانپپوءِ اليڪشن ڪ??يش?? پاران لاهور هاءِ ڪ??رٽ جي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي.ڪالهه جمعي ڏينهن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس سيد منصور علي شاهه بئنچ ۾ شامل هئا. عدالتي ڪارروائي سڌوسنئون نشر ڪئي وئي. اپيل تي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪ??يش?? جي وڪيل چيو ته آر اوز ڊي آر اوز بيوروڪريسي مان وٺڻ جو اليڪشن ڪ??يش?? جو فيصلو لاهور هاءِ ڪ??رٽ معطل ڪيو، لاهور هاءِ ڪ??رٽ جي فيصلي سان چونڊ عمل رڪجي ويو آهي، سپريم ڪ??رٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت هاڻي بئنچز جوڙيون وڃن ٿيون، منهنجي خواهش هئي ته موسٽ سينيئر ججز بئنچ ۾ شامل هجن. چيف جسٽس چيو ته جسٽس اعجازالاحسن مصروفيتن جي ڪري نه اچي سگهيو پوءِ اسان جسٽس سيد منصور علي شاهه کي تڪليف ڏني. اليڪشن ڪ??يش?? جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪ??يش?? جي رٽرننگ آفيسرن جي لاءِ پهرين ترجيح پنهنجا آفيسر آهن، ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي فهرست حڪومت ڏيندي آهي، پي ٽي آءِ چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 ٿري تحت شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪ??رٽ جي حڪم کي نه مڃڻ مس ڪنڊڪٽ آهي، درخواست آئي لڳي به وئي، منع نامو جاري ڪرڻ وارو جج ئي لارجر بئنچ جو سربراهه بڻجي ويو، سپريم ڪ??رٽ لاهور هاءِ ڪ??رٽ جو آر اوز ۽ ڊي آر اوز بابت فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. عدالت درخواست ناقابل ٻڌڻي قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪ??يش?? اڄ ئي چونڊ شيڊيول جاري ڪري. سپريم ڪ??رٽ عمير نيازي کي اليڪشن ڪ??يش?? جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت اليڪشن ڪ??يش?? جي اپيل باضابطا ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي به نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ پاران لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم، تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ درخواستگذار کي نوٽيس جاري
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria