ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي ??گهن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ٽيليفون ڪئي جنهن ۾ پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ جاري ڪوششن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم هن وقت گڏيل عرب امارات جي سرڪاري دوري تي آهي. ٽيليفون ڪال دوران نگران وزيراعظم ۽ بل گيٽس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيل پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان کي پوليو کان محفوظ ملڪ بڻائڻ جي حڪومت جي ڪوششن ۾ گيٽس فائونڊيشن جي تعاون کي ساراهيو. هن ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪي??. ا?? سلسلي ۾ نگران وزيراعظم بل گيٽس کي سڄي پاڪستان ۾ جاري پوليو ويڪسينيشن مهم بابت آگاهه ڪيو. وڌيڪ اهو ته غذائي کوٽ جي مسئلن ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي موضوعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم حڪومت ۽ بي ايم جي ايف جي وچ ۾ بهترين تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بي ايم جي ايف جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي ??گهن ٿا.
حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرعزم آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : بونانزا