اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان جو بنيادي مينڊيٽ اليڪشن ڪميشن جي مقرر تاريخ تي چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪ??ڻ آهي، اسان هڪ ذميوار آئيني نگران حڪومت آهيون، اسان ڪن??ن اهم آئيني عهدي جي خلاف چڙهائي نه ٿا ڪري سگهون، نه ان جو حصو بڻجي سگهون ٿا، اسان پنهنجي حلف جي پاسداري ڪنداسين، گذريل حڪومت سياسي اتحاد ٺاهي هئي، ان دور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي وضاحت انهن کي پاڻ ڪرڻ گهرجي، اسان جو ڪم اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائين??ي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته بجلي، گئس ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ اضافي جو پتو آهي، گذريل ڏينهن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي جنهن جي ڪري معاشي مشڪلاتون پيدا ٿيون. هن چيو ته ايندڙ هفتي اسان معاشي بحالي جو منصوبو ڏيڻ وڃي رهيا آهيون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وفاقي ڪابينا ۾ شامل سموريون شخصيتون پنهنجي پنهنجي شعبن جون ماهر آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته جنهن حا??ت ۾ اسان کي ملڪ مليو ان کان بهتر حا??ت ۾ ڏئي وڃون، اسان کي ڪفايت شعاري سميت اهم قدم کڻڻا پوندا جنهن سان معيشت بحال ٿئي. هڪ سوال تي هن چيو ته اهو اسان جو ڪم نه آهي ته ڪن??ن جي حق يا مخالفت ۾ عدالتي معاملن ۾ مداخلت ڪريون، ڊڄڻ انهن ماڻهن کي گهرجي جيڪي قانون ۽ آئين جي خلاف ڪم ڪن ٿا، اسان آئين ۽ قانون جو احترام ڪ??يون ٿا. 9 مئي س??نحي جي حوالي س??ن سوال تي هن چيو ته ڪن??ن سياسي پارٽي اهڙو عمل ناهي ڪيو جيڪو 9 مئي تي ٿيو، 9 مئي س??نحي س??ن جمهوريت مضبوط نه ڪمزور ٿي آهي، 9 مئي س??نحي تي فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي جنهن جو اسان کي احترام آهي، انصاف ئي اسان جو ڇوٽڪارو آهي، انتقام اسان جو ڇوٽڪارو نه آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي پاڪستاني شهرين جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي حوالي س??ن بيان بابت سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.
اسان جو بنيادي مينڊيٽ اليڪشن ڪميشن جي مقرر تاريخ تي چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي: وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری