اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 23 -2022ع دوران زرعي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي آهي، ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اض??في سان گڏ 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا گذريل مالي سال دوران 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي هئي، م??ئي جي پيداوار ۾ 6.9، ڪمند 2.8 ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو جو اض??فو ٿيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ته زراعت جي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سال دوران 4.27 سيڪڙو هئي، فصلن جي اوسر جي شرح مجموعي طور تي 2.49 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل مالي سال دوران 8.19 سيڪڙو هئي. اهم ۽ وڏن فصلن جي اوسر جي شرح 3.20 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل سال 5.41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. جڏهن ته ٻين فصلن تي اوسر جي شرح 0.23 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سال دوران 11.93 سيڪڙو هئي. اقتصادي سروي موجب ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اض??في سان 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئ??. گ??ريل مالي سال دوران ڪڻڪ جي پيداوار 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي، م??ئي جي پيداوار 6.9 سيڪڙو اض??في سان 10.183 ملين ٽن رڪارڊ ٿي جيڪا مالي سال دوران 9.525 ميٽرڪ ٽن رڪارڊ ٿي، ڪپهه جي پيداوار 41 سيڪڙو گهٽتائي سان 4.91 ملين بيلز (ڳٺڙي) رڪارڊ ٿ??. گ??ريل مالي سال دوران چانورن جي پيداوار 9.323 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي. لائيو اسٽاڪ (چوپائي مال) جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو اض??فو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اض??فو ٿيو هو، ٻيلي کاتي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اض??فو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اض??فو ٿيو هو. ٻيلي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اض??فو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 4.07 سيڪڙو اض??فو ٿيو، ماهيگيري جي شعبي ۾ 1.44 سيڪڙو جو اض??فو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 0.35 جو اض??فو ٿيو هو.
هلندڙ مالي سال 23 -2022ع دوران زرعي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي: اقتصادي سروي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا