راولپنڊي- 25 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ يوم ت??ري?? شهدا پاڪستان جي مرڪزي تقريب منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آرمي چيف جنرل عاصم منير هو. تقريب ۾ پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه جي سربراهن، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسر به شريڪ ٿيا جنهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه، اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رض?? ۽ ??ين رٽائرڊ آف??سر??، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد، مفتي منيب الرحمان، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مش??ور شخصيتن ۽ شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي. تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو جنهن کانپوءِ قومي تراني جي ڌن وڄائي وئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گل رکيا، فاتحه خواني ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته نيوي ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن، اعليٰ فوجي ۽ پوليس آف??سر?? به شهيدن جي يادگار تي گل رکي?? ۽ ??اتحه خواني ڪئي. تقريب ۾ موجود شهيدن جي وارثن ۽ اسڪول جي ٻارن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا.
پاڪ فوج جي جنرل هيڊڪوارٽر ۾ يوم تڪريم شهدا پاڪستان جي مرڪزي تقريب، خاص مهمان آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي گل رکيا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ