ڪراچي – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ??يپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد فاضل راهو جي جمهو??يت ۽ آبادگارن جي حقن لاءِ جدوجهد پاڪستاني تاريخ جو نه وسرندڙ باب آهي. بلاول هائوس پاران جاري بيان ??وجب بلاول ڀٽو زرداري شهيد فاضل راهو جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ?? شهيد فاضل راهو کي خر??ج عقيدت پيش ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد فاضل راهو هڪ بهادر ۽ جمهو??يت پسند اڳواڻ هو، ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران شهيد فاضل راهو شهيد بينظير ڀٽو سان گڏجي جدوجهد ڪئي. شهيد فاضل راهو جي جدوجهد قرباني ۽ اصول پسندي مشعل راهه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آبادگارن، مزدورن ۽ پٺتي پيل طبقن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين ۽ انهن جي خوشحالي لاءِ ويڙهه جاري رکنداسين.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر