انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. ڊي اي آءِ ڪي – فار اڪنامڪ رليشنز بورڊ تحت ترڪي پاڪستان بزنس ڪائونسل کي خطاب ڪندي وزيرا??ظم چيو آهي ته پاڪستان ۾ هائيڊل، ٿرمل، ڪول، ونڊ ۽ سولر سميت توانائي جي شعبي ۾ ترڪ سيڙپڪارن لاءِ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، وزيرا??ظم چيو آهي ته ڪيترائي مشهور ترڪ سيڙپڪار پهرين ئي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن، هن يقين ڏياريو ته حڪومت انهن منصوبن جي سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، وزيرا??ظم چيو ته عالمي سطح تي توانائي جي وڌندڙ قيمتن ۽ پاڪستان ۾ توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان ترڪ سيڙپڪار ۽ پاڪستان ٻنهي کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان آبي وسيلن ۽ ڊيمن جي تعمير لاءِ ترڪي جي مهارت مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا اجاگر ڪندي وزيرا??ظم خصوصي توانائي، هائوسنگ، ٽيڪسٽائيلز، انفرااسٽرڪچر جي ترقي، تيل ۽ گئس ۽ زراعت تي ٻڌل صنعتن جو خاص طور ذڪر ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا محبت، اخوت، گڏيل احترام جي بنياد تي هموار آهن ۽ ٻئي ملڪ تاريخ، صديون پراڻي روايتن ۽ گڏيل امنگن جا امين آهن، هن چيو ت?? ٻئي قومون هر طرح جي حالتن ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ۽ انهن جا لاڳاپا نهايت دوستاڻا ۽ غير معمولي گڏيل اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن، وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي ٽيڪسٽائيل ڪم??نيون پاڪستان ۾ خاص طور عالمي صنعت، واپار ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح جي ويلو چينز ۾ حصيدار بڻجي سگهن ٿيون، هن ترڪ ڪم??نين کي پاڪستان ۾ زراعت تي ٻڌل صنعتي شعبي ۽ ڊيري فارمنگ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت به ڏني ۽ چيو ته انهن شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪ ڪم??نيون تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ گڏجي ??م ڪري سگهن ٿيون ۽ نه رڳو تيل ۽ گئس جي ??ولا ۽ پيداوار پر ريفائنريز جي تعمير ۽ پائيپ لائينز وڇائڻ ۾ به حصيداري ڪري سگهن ٿيون وزيرا??ظم پنهنجي حڪومت جي ترجيحن کي اجاگر ڪندي چيو ته چوٿين عالمي صنعتي انقلاب جي تناظر ۾ خاص طور صنعتي پيداوار جي ??ئلينجن کي منهن ڏيڻ اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، جيڪا ملڪ جي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
وزيراعظم پاران ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی