اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار بنيادي ۽ اهم آهي، مشڪل حالتن ۽ تڪليف ۾ ورتل مريضن کي سارسنڀال ۾ نرسز جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل عورتن ۽ مردن کي بهتر سهولتن ۽ معاوضن جي ادايئگين کي بهتر بڻائن جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ نرسنگ جي شعبي جي حالتن ۾ بهتري، تعليم ۽ تربيت جو معيار وڌيڪ وڌائڻ ۽ معاوضن کي مناسب بڻائڻ لاءِ سڌارا ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان جار بيان موجب وزيراعظم نرسز جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا ۾ نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انسانيت جي خدمت تي سڄي دنيا خاص طور تي پ??ڪستان جي نرسز جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. نرسز انسانيت جي خدمت جو ??مام وڏو شعبو آهي، ان جي طبي خدمتن جو ??عتراف ڪريون ٿا، ڪورونا وبا ۾ نرسز ڊاڪٽرز سان گڏجي زندگي جي پرواهه ڪرڻ کان بنا قابل قدر خدمتون سر??نج??م ڏنيون. هن چيو ته ڊاڪٽرز سان گڏوگڏ نرسز به پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي ڪورونا جي جنگ وڙهي، ڊاڪٽرز ۽ نرسز ڪورونا جي مشڪل ترين صورتحال ۾ پنهنجي خانگي زندگي ۽ ٻارن جي لاءِ وقت به انسانيت جي خدمت تي قربان ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ نرسز شاندار خدمتون ??نج??م ڏنيون آهن جيڪي تاريخ جو ??نهري ۽ قابل فخر باب آهي. صحت جي عالمي اداري دنيا جي 100 بهترين نرسز اينڊ مڊ وائف ليڊرز جي درجابندي ۾ 10 پاڪستاني عورتن جو ??رفهرست هجڻ انهن جي خدمتن جو ??المي اعتراف آهي، پاڪستان جي نرسز کي ڪورونا دوران گهربل طبي سهولتون نه هجڻ جي باوجود مريضن جي جان بچائي انسانيت جي خدمت جي سنهري تاريخ لکي، هن چيو ته طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار وڏو بنيادي ۽ اهم آهي. مشڪل حالتن ۽ تڪليفن ۾ ورتل مريضن جي سارسنڀال ۾ نرسز جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل عورت ۽ مردن کي بهتر سهولتن ۽ معاوضن جي ادائيگين کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ نرسز جي شعبي جي حالتن ۾ بهتري، تعليم ۽ تربيت جو معيار وڌيڪ وڌائڻ، معاوضن کي مناسب بڻائڻ لاءِ سڌارا ڪنداسين. عورت نرسز خاص طور تي معاشرتي نامناسب روين جو ??ڪار بڻجنديون آهن جنهن جي حوصلا شڪني ۽ ان ڏس ۾ آگاهي پکيڙڻ جي ضرورت آهي.
طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار بنيادي ۽ اهم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania