اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري معلومات ليڪ ڪندڙ بدعنوان نيب ??هلڪار جي سزا برقرار رکي آهي. صدر نيب ??هلڪار جي ڪرپشن جي لاءِ سرڪاري معلومات ليڪ ڪرڻ تي سزا جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب ??رڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي ڪيسز ۾ ملوث ٻين آفيسرن جي خلاف پڻ ڪارروائي ڪري، افسوس جو بدعنواني جي خاتمي لاءِ ذميوار اداري نيب ??ي اندر ئي ڪرپشن ڪئي وئي، تفصيل موجب نيب ??ي اسسٽنٽ پرائيويٽ سيڪريٽري (بي ايس 16)، نعمان اقبال، غيرقانوني ??ور تي غيرمجاز ماڻهن کي سرڪاري معلومات ڏني، انڪوائري ۾ ڏوهه ث??بت ٿيڻ تي اهلڪار کي 5 سال جي لاءِ هيٺئين پوسٽ تي تنزلي جي سزا ڏني وئي. نيب ??هلڪار سزا جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪري رکي هئي. نيب ڪراچي سورس رپورٽ جي بنياد تي انڪوائري جي اپيل ڪندڙ جي موبائيل مان ڳجهو رڪارڊ مليو. نيب ??هلڪار جي فون جي فرانزڪ تجزيي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ دستاويزن سان پڻ ڏوهه ث??بت ٿيو. نيب نعمان اقبال جي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. انڪوائري ڪميٽي درخواستگذار کي بدانتظامي ۽ سرڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي الزام ۾ قصوروار قرار ڏنو. نعمان اقبال نيب ??ييمپلائيز سروسز رولز تحت صدر کي سزا جي خلاف اپيل داخل ڪئي. صدر چيو ته نيب ??هلڪار فيصلي جي خلاف ڪو معقول سبب يا اضافي جواز فراهم نه ڪيو، اهڙ?? ماڻهو جي لاءِ 5 سال جي سزا انصاف نه آهي، سزا وڌيڪ سخت هجڻ گهرجي ها. صدر اپيل رد ڪندي چيو ته نيب معاملي ۾ ملوث بين آفيسرن جو قصور ث??بت ٿيڻ تي انهن کي دوکيبازي، ملڪ جو تشخص خراب ڪرڻ تي سزا ڏي.
صدر پاران سرڪاري معلومات ليڪ ڪندڙ بدعنوان نيب اهلڪار جي سزا برقرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی