اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا، هر ڪرپٽ عنصر جو بنا فرق جي احتساب ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو به اهو ئي موقف آهي ته سڀني جو احتساب ٿي??دو ۽ اسان جو ووٽر به ڪرپشن ڪند??ن جو احتساب چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??خت??ف نجي ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مش??هد الله خان سميت سندس 6 ڀائي ۽ ڪزن پي آءِ اي ۾ ڀرتي ٿيا جيڪا مڪمل طور تي سياسي ڀرتي آهي ۽ کين ترقيون به سياسي بنيادن تي ڏنيون ويون، مون ان جو ڪيس ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏيو آهي، مش??هد الله جو هڪ ??اء?? لنڊن، هڪ نيويارڪ ۽ هڪ پيرس ۾ اسٽيشن مينيجر آهي، هن چيو ته مش??هد الله جو هڪ ??اء?? آمريڪا ۾ پي آءِ اي جي فلائيٽس بند ڪرائي آيو، هي ان جي ڪارڪردگي آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گذريل حڪومتن جي طرح نه هلندي ۽ هر ڪرپٽ عنصر جو احتساب ڪندي ۽ چور کي ان جي گهر تائين پهچايو وي??دو ڇو ته اسان انهي بنياد تي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري آيا آهيون ۽ ماڻهو اسان مان اميد به رکن ٿا ته اسان چور کي بي نقاب ڪريون ۽ هر هڪ جو احتساب ڪريون.
2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز