اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? نگران و??اقي وزير بيريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پوري قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته نگران حڪومت ٻن مهينن جي آئيني مدي دوران و??ت سر، شفاف، غيرجانبدار ۽ پرامن چونڊن کي يقيني بڻائيندي، آئين ۾ عام چونڊن جي لاءِ 60 ڏينهن کان وڌيڪ جي گنجائش نه آهي، نگران حڪومت آئين جي مڪمل پيروي ڪندي، بلوچستان ۾ موسم جي خ??اب?? ۽ ڪجهه تڪن جي نئين تڪ بندين سان چونڊن ۾ دير جو ڪو امڪان نه آهي. هو پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام سچ ته اهو آهي ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. وفاقي وزير بيريسٽر سيد علي ظفر چيو ته وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ نگران ڪابينا جي لاءِ منهنجي چونڊ پاڻ ڪئي ۽ مون کي اطلاعات، قانون ۽ انصاف ۽ پارلياماني معامل ن??ار?? وزارت جو قلمدان ڏنو آهي، مون کي اهو قلمبند ملڻ تي خوشي ٿي ان کان وڌيڪ خوشي منهنجي والده کي ٿي آهي ڇو ته منهنجو والد ايس ايم ظفر پڻ قانون ??ار?? وزير رهي چڪو آهي.
قوم کي خاطري ڪرايان ٿو چونڊون آئيني مدي اندر ڪرايون وينديون: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی