اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ثقافت ۽ اطلاعات جي شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رشتا وڌيڪ مستحڪم ٿي??دا، سي پيڪ نه رڳو اقتصادي ۽ انفراسٽر??چر جي ترقي جو ذريعو آهي پر اهو منصوبو آرٽ، ثقافت ۽ ورثي جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون کوليندو، آرٽ ۽ ثقافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شام?? آهي، پاڪستان فلم انڊسٽري جي واڌويجهه ۾ چين جي تعاون جو خ??اهشمند آهي، ثقافتي معاهدن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي??دا. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اهو دورو چين جي ثقافت جي وزير لويو شو گانگ جي دعوت ??ي ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات