اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) پاڪستان والاريل ??شمير جي عوام جي جائز آزاد?? جي جدوجهد جي لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪ??دي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارت طرفان ڄاڻي واڻي شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ وڌندڙ فوتگين جو نوٽيس وٺي ۽ لائين آف ڪنٽرل تي بگڙجندڙ سيڪيورٽي صورتحال جي خاتمي ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري. ان ڳالهه جو اظهار وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز طرفان نيلم واد?? جي ويجهو مسافر بس تي حملي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز طرفان مسلسل هروڀرو جي فائرنگ جي ڏس ۾ لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال تي غور ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن