مڪه المڪرمه-18 جون (اي پي پي) سعودي اختيارين چيو آهي، ته هلندڙ سال حج جي سيزن دوران حاجين ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا انفيڪشن واري بيماري رڪارڊ نه ڪئي وئي. هڪ بيان ۾ سعودي صحت واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ هو ته حج موسم دوران طبي عملي مڪمل طبي نگهداشت فراهم ڪرڻ واريون پنهنجون سموريون امڪاني ڪوششون جاري رکيون. نائب وزير ڊاڪٽر هاني جوخدار چيو آهي ته حاجي سڳورن ۾ اڃا تائين ڪنهن به قسم جي انفيڪشن واري بيماري رڪارڊ ناهي ڪئي وئي. سعودي صحت واري وزارت واضح ڪيو آهي ته هو طبي ۽ انتظامي عملي، صحت جي سهولتن، ??ڪي پاڪ، مديني شريف ۽ مقدس هنڌن تي ??ائم ڪيل مرڪزن ذريعي حاجي سڳورن کي اعليٰ صحت جي سار سنڀال فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. پهرين ذي القعد کان 8 ذي الحج تائين اٽڪل 93000 حاجي سڳورن صحت مرڪز طرفان فراهم ڪيل مختلف صحت جي خ??متن مان فائدو کنيو. صحت واري وزارت وضاحت ڪئي ته طبي عملي کي فراهم ڪيل صحت جي خ??متن ۾ طبي ۽ خاص ڪلينڪون، ??ارميسيون، ڊائيلسز سينٽرز، انتهائي نگهداشت جي ڪمرن ۽ آئسوليشن يونٽس تي ??ڌل آهن. هلندڙ حج سيزن ۾ هن وقت تائين 19 اوپن هارٽ سرجريز، 218 ڪارڊيڪ ڪيٿيٽرائ??زي??نز ۽ 676 ڊائيلاسز پراسس ڪيا ويا.
هلندڙ سال حج دوران حاجي سڳورا انفيڪشن وارين بيمارين کان محفوظ رهيا: سعودي صحت واري وزارت
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável